ڌامراهن جي درسگاهه

ڌامراهن جي درسگاهه: سنڌ جي ناليواري عالم دين مولانا عبدالرحمٰن ولد عنايت الله پنهور جو تعلق لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڌامراها سان هو، هن ان وقت جي مشهور مدرس مولانا عبدالله کان فارسيءَ جي تعليم، عربيءَ جي تعليم گھوٽڪيءَ جي مولانا قمرالدين کان ۽ ديني سند همايون شريف ۾ مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ کان حاصل ڪئي. تعليم جي حصول کانپوءِ هن لاڙڪاڻي ويجھو ڌامراها ۾ ڌامراهن جي درسگاهه قائم ڪئي، جتي هيءَ ديني درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو. سندس مدرسي مان ڪيترائي شاگرد فارغ التحصيل ٿيا، جن مان مولانا محمد حسن جوهيءَ وارو، مولوي محمد صالح دادوءَ وارو، مولوي حاجي احمد يار لانگاهه، ملا ڪاتيار، مولانا خوش محمد ميروخانائي ۽ مولانا فتح محمد ڌامراهن وارو قابل ذڪر آهن.


لفظ ڌامراهن جي درسگاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو